هوندراج دکايل جي شاعريءَ جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو.
(Critical and Research Analysis of Hondraj Dukhayal`s poetry)

مشتاق گبول

Abstract
Hondraj Dukhayal is one of towering and pioneer poets of Sindhi poetry. His poetry is characterized by realism, progressive thinking, a strong thought of revolution and resistance, romance, a non-class system, human equality and the freedom from class system. In those circumstances Hyder Bux Jatoi and Hondraj “Dukhayal” versified contemporary events and situations in their poetic works. And not only were they impressed by freedom movement but also actively participated in it. More than giving expression to sad romance, he became a vociferous proponent of the freedom movement and opponent of class difference. On the one hand Hondraj “Dukhayal” sang the songs of freedom and revolution and gave us the lesson of social unity and on the other hand presented the reflection of a woman’s natural feelings.
Dukhayal’s songs are an important reference to Sindhi poetry in terms of subject matter and melody, language and form. His songs are like the wistful eyes of a desolate girl which she has been set on the way.


سچل سرمست ۽ خليفي گل، سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جي صنف جي ذريعي تبديليءَ جو هڪڙو نئون امڪان روشن ڪيو. ويھين صديءَ ۾ سچل ۽ گل جي اُن تبديليءَ کي سانگيءَ اچي جدت بخشي ۽ جديد سنڌي غزل جو مھندار شاعر ٿي اڀريو.
ويھين صديءَ جو پھريون ۽ ٻيو ڏهاڪو،غزل جي لحاظ کان سانگيءَ جو دؤر هو ۽ نظم جي لحاظ کان انهن ڏهاڪن کي قليچ جو دور چئي سگهجي ٿو، ڇو ته جديد سنڌي نظم جا ابتدائي نمونا، قليچ جي نظمن ۾ ملن ٿا.جيتوڻيڪ اهو دور سنڌي شاعريءَ جو روايتي دور هو.
”...پر، ان ساڳئي’روايتي دور‘ ۾ اسان کي قليچ ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ جھڙا يگانا شاعر به ملن ٿا، جن پنھنجي تجربن ۽ تخليقي حاصلات وسيلي ان دور کي تازگي ۽ نواڻ عطا ڪئي. ان دور سنڌي شاعريءَ ۾ پھريون ڀيرو هڪ نئين تبديلي لاءِ ميدان تيار ڪيو.“ (1)
سياسي لحاظ کان سنڌ ۽ ننڍي کنڊ ۾ ويھين صديءَ جي ٽين ۽ چوٿين ڏهاڪي ۾، انگريزن جو دور هو، پر شاعريءَ جي لحاظ کان اهو’ڪشنچند بيوس‘ جو دور هو. صنفن جي لحاظ کان اهو دور روايتي غزل، جديد نظم ۽ گيت جو دور هو ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر جو پھريون دور هو، جنھن جي سرواڻي ’بيوس‘ پئي ڪئي. ’بيوس‘ جي سرواڻيءَ هيٺ جديد سنڌي شاعريءَ جي تحريڪ شروع ٿي. ان دور ۾ سنڌي شاعري ۽ خاص ڪري سنڌي نظم ۽ گيت جھڙين صنفن ۾ رومانويت سان گڏ ترقي پسندي، سماجي ۽ تمدني حالتن ۽ سياسي واقعن ۽ حالتن کي شاعريءَ ۾ پيش ڪرڻ واري روايت جي ابتدا ٿي چڪي هئي ۽ جديد سنڌي شاعري پنھنجي لاءِ نئين راهه ڳولي ورتي هئي.
هوند راج ’دکايل‘ بيوس جي سِکيا هيٺ، ان نئين راهه جو هڪ اهم راهي هو. جنھن شاعريءَ جي ابتدا ننڍي هوندي ڪئي هئي.ڇو ته هن ننڍپڻ ۾ سنگيت جي سِکيا ورتي هئي ۽ ڳائڻ وانگر لکڻ جي ابتدا به هن ننڍپڻ ۾ ئي ڪئي هئي. 13ورهين جي ننڍيءَ عمر ۾ هن جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ’ڪرشنا ڀڄناولي‘ 1923ع ۾ ڇپيو ۽ هن جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو 16 ورهين جي عمر ۾ ’آريه ڀڄنا ولي‘ جي نالي سان 1926ع ۾ ڇپيو. شاعريءَ جا اهي ٻئي ڪتاب مذهبي اثر هيٺ عقيدت ۽ محبت وچان رچيا ويا هئا، پر انهن مجموعن ۾ شامل شعرن ۾ ترنم، سادگي، ٻولي،ميٺاج ۽ رس چس گيت وارو هو. تنھنڪري دکايل جڏهن بيوس جي تربيت هيٺ آيو، تڏهن هن گيت ۽ نظم جھڙين صنفن ۾ پنھنجا تخليقي جوهر ڏيکارڻ شروع ڪيا.
”بيوس، سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪا نئين جوت جلائي هئي، دکايل انهيءَ تحريڪ جو پوئلڳ هو. دکايل شاعريءَ جي مشق، بيوس جي نظر هيٺ ڪئي، ۽ اُن دور جي سڀني تحريڪن کان متاثر ٿي،قومي گيت ۽ نظم لکيائين. هن جي گيتن تي قومي اثر وڌيڪ آهي.“ (2)
دکايل، بيوس جي سنگ جي ڪوين مان اهو واحد شاعر آهي، جنھن جي شاعريءَ ۾ ڀرپور نموني سياسي شعور ملي ٿو. هن سياسي واقعن ۽ حالتن کي ڏسندي، جديد سنڌي شاعريءَ کي حيدر بخش جتوئيءَ وانگر سياست ۽ سياسي موضوعن سان آشنا ڪيو ۽ پنھنجي دور جي سياسي واقعن ۽ حالتن کي پنھنجي شاعريءَ جو حصو بڻايو. هن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪانگريس جي پليٽ فارم تان ڀرپور نموني حصو ورتو ۽ پنھنجن گيتن ۽ سريلي آواز ذريعي ماڻهن ۾ قوميت ۽ وطنيت جو جذبو پيدا ڪيو.
”آزاديءَ جي آندولن ۾ هن سڪريه ڀاڳ ورتو. هن ديش ڀڳتيءَ سان ڀرپور ڪيتريون ئي ڪوتائون ۽ گيت لکيا ۽ اهي گيت ۽ ڪوتائون جڏهن هُو کنجريءَ سان تال وٺندي ڳائيندو هو، تڏهن سنڌ واسين جي نراس اداس دلين ۾ ديش ڀڳتيءَ جي لھر ڊوڙي ايندي هئي ۽ ديش ڀڳتيءَ جو جذبو پيدا ٿيندو هو.“(3)
دکايل سياسي حالتن کي رومانوي رنگ ۾ پيش ڪري، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين روايت جا بنياد پڻ وڌا. ان ڏس ۾ هن جو گيت ’بھادر ستايا گرهي (سنواد)‘ سنڌي شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جي لحاظ کان اهم حيثيت رکي ٿو. ان گيت جي فني انفراديت اها آهي، جو هڪ ته ان ۾ دوگاني وانگر ٻه ڪردار آهن ۽ ٻنهيءَ ڪردارن جي گفتگؤَ ذريعي انهن جي خيالن ۽ فڪر جو اظھار ڪيو ويو آهي. دوگاني ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت ڪردار هوندو آهي،پر دکايل جي مٿئين گيت جا ٻئي ڪردار عورتون آهن. اهي ٻئي عورتون پاڻ ۾ ساهيڙيون آهن. هڪ ساهيڙي، ٻي ساهيڙيءَ کان هڪڙي بھادر بابت پڇا ڪري ٿي ۽ ان کان ان جي روئڻ جو سبب پڇي ٿي ۽ ٻي ساهيڙي جواب ۾ ان وطن جي بهادر بابت کيس آگاهه ڪري ٿي:
”سکي! ڪير آهي؟
سنگينن جي پھري ۾،
هي ڪير آهي؟
زنجيرن ۾ جڪڙيل ڪو نر شير آهي،
سکي! ڪير آهي؟

مرڻ جو نه هن کي ڪو ارمان ٿو ڏسجي،
نه چھري تي دهشت جو نيشان ٿو ڏسجي،
نه سستي قدم ۾،
اڳي پير آهي.
سکي! ڪير آهي؟

هليا ويا سکي! تون اڃا ٿي نھارين ؟
اڙي، هي ڇا! هنجون ته تون ڀي ٿي هارين؟
ٻُڏائين نه ٿي؟
ٻيو مڙيو خير آهي؟
سکي! ڪير آهي؟

ٻڌ سکي!
جواب!
اڃا ٿي نھاريان،
ويا هو سکي!
مان اڃا ٿي نھاريان.
پُڇين ٿي،ته ڇو ٿي اَجهل لُڙڪ لاڙيان؟
ويا هُو سکي!
مان اڃا ٿي نھاريان!

هُو بانڪو بھادر وطن جو سپاهي،
سدا ديس سان جنهن ڪئي خير خواهي،
سکي! ڇو نه اهڙي کي،
سو دل سان ساريان،
ويا هُو سکي!
مان اڃا ٿي نھاريان!“ (4)
ان گيت جي ٻي فني خاصيت اها آهي، جو ان ۾ آزاد نظم وانگر ارڪانن کي ٽوڙي مصرعن کي ڪٿي گهٽائي ته ڪٿي وڌائي پيش ڪيو ويو آهي. ايئن ڪرڻ سان نه صرف هن گيت کي فني وسعت، بلڪه فني خوبصورتي پڻ عطا ڪئي آهي ۽ ان گيت ذريعي نظم جي موضوع کي گيت ۾ سمائڻ جو تجربو پڻ ڪيو آهي. ان گيت جي ٽين خُوبي اِها آهي، جو اهو گيت سياسي پس منظر رکندڙ آهي. جنھن ۾ هڪ انقلابيءَ جي محبوبا جا احساس ۽ جذبا سمايا ويا آهن. اهو انداز ۽ رومانس ۽ انقلاب جي امتزاج واري روايت پھريون ڀيرو جديد سنڌي شاعريءَ کي نصيب ٿي هئي .دکايل، ان خوبصورت روايت جو پايو وڌو هو.
دکايل جو نظم ’نه روڪ راڻي‘ پڻ رومانس ۽ انقلاب جي امتزاج جو حسين نمونو آهي.جنھن ۾ ھڪ انقلابي پنھنجي ونيءَ سان مخاطب ٿي چئي ٿو ته:
”نه روڪ منھنجي راڻي!نه روڪ،
نه روڪ منھنجي راڻي!
تون نه ٻڌين ٿي ڇا؟
هُو يُڌ جا باجا،
ٻُڌ ته چون ڇا ٿا؟
منھنجي راڻي! نه روڪ.

سرتيون تنھنجون پڻ،
خوب ڪنديون ڀڻ ڀڻ،
روز اشارن سان،
تنگ ڪندءِ ڪامڻ.
منھنجي راڻي! نه روڪ.

وير پتي جن جا،
سوڀ ڪري ورندا،
تن جيڏين جا مزا،
توکي وِهه لڳندا.
منھنجي راڻي! نه روڪ.“ (5)
دکايل جي شاعري سياسي واقعن ۽ حالتن جي منظوم تاريخ پڻ آهي. هن جي نظمن جي عنوانن ’لارڊ ولگنڊن‘، ’پھرئين رائونڊ ٽيبل کانپوءِ‘، ’قومي جهنڊو‘، ’واپاري آندولن‘، ’راشٽر سيوا دل‘، ’کاڌي‘، ’ڪُئٽ انڊيا‘، مان سياسي تاريخ ۽ واقعن جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ان حوالي سان ڊاڪٽر ديال آشا پنھنجي ڪتاب ”سنڌي شعر جي تواريخ“ ۾ لکي ٿو ته:
”شري دکايل، اتحاد سرڪار،چرخي،ڪُئٽ انڊيا. مھاتما گانڌي ۽ ان جي سڌانتن ۽ قومي پروانن، سروديه هلچل،ڀودان آندولن وغيره بابت ڪافي شعر لکيو آهي، جنھن ۾ قوميت جي ڀاونا ڀريل آهي.“ (6)
دکايل جي شاعري سياسي ۽ تاريخي پسمنظر رکڻ سبب پنھنجي الڳ انفراديت رکي ٿي.
هن 1930ع ۾’هنومان‘ نالي سان هڪ اخبار جاري ڪئي هئي، جنھن ۾ هن جا آزاديءَ جي حق ۾ ۽ غلاميءَ جي خلاف ليک ۽ شعر ڇپبا هئا. آزاديءَ جي گيتن ڳائڻ عيوض دکايل کي گرفتار ڪري، سکر سينٽرل جيل موڪليو ويو. جيل ۾ هن جي اهڙن ڪيترن ئي ڪردارن سان ملاقات ٿي، جن آزاديءَ جي لاءِ پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي. انهن ڪردارن مان سڀ کان اهم ڪردار ’هيمون ڪالاڻي‘ هو. جنھن کي جيل ۾ دکايل سان گڏ ساڳئي بئرڪ ۾ رکيو ويو هو. دکايل، هيمونءَ بابت لکي ٿو ته:
”شھيد هيمون ڪالاڻي جڏهن سکر جيل ۾ پڪڙجي آيو،تڏهن کيس مون واريءَ بئرڪ ۾ رکيو ويو. بدن جو سڊول ۽ هاٺيءَ جو پڪو. اسڪول وديارٿي ته ڄڻ لڳندو ئي ڪين هو. شام جو گڏجي رانديون ڪندا هئاسين، خاص ڪري ڪٻڏي راند ڏاڍي چاهه سان ڪندو هو....نيٺ سکر جي جيل ۾ هُو کلندي کلندي ڦاسيءَ تي چڙهي ويو.“ (7)
هن جيل ۾ ئي هيمونءَ جي شھادت ۽ ثابت قدميءَ ۽ اڏولتا تي ڪيترائي نظم لکيا. ان ريت سورهيه ڪردارن تي نظم لکڻ جي ابتدا دکايل ڪئي هئي.
”خون جي برسات برسي ڀل تکيءَ تلوار مان،
خون جون ڌارُون ڇٽن ڀل جسم جي هر تار مان،
خون جو ڦوهارو ڇٽڪي خنجر خونخوار مان،
خون ئي وهندو رهي بس تيغ جوهر دار مان،“ (8)
يا، ان ئي نظم جون هيٺيون سٽون:
”خون ناڙين مان ڪڍي ٻلدان ڏي تلوار کي،
خون جي خوراڪ ڏي ڀل تيغ جوهردار کي،
خون جي ڪر رنگ سان ڀل لال در ديوار کي،
خون جو خوشرنگ ئي پختو ڪندو اقرار کي.“ (9)
ان نظم جي خوبصورتي، ان ۾ تخليق ڪيل نين ترڪيبن مان ڏسي سگهجي ٿي. جن مان شاعر جي تخيل جي پرواز کي بخوبي پسي سگهجي ٿو. ’خون جي برسات،‘ ’خون جون ڌارُون،‘ ’خون جو ڦوهارو‘ ۽ ’خون جي خوراڪ‘ جھڙين نين ۽ اڇوتين ترڪيبن سان دکايل جديد سنڌي شاعريءَ جي جهول ڀري هئي. هڪ بھادر ۽ امر ڪردار جي نسبت سان ترڪيبون اهڙيون ئي تخليق ڪيون ويون، جيڪي ان جي ڪردار جي ڀرپور نموني نمائندگي ڪري سگهن.
هيمون ڪالاڻيءَ کانپوءِ هن جي شاعريءَ ۾ ’گربخش‘ جيڪو بنگل ديري جو هو ۽ ’محمد اسلم بلوچ،‘ جيڪو جيڪب آباد جو هو، اهي ٻئي ’ڪُئٽ انڊيا‘ تحريڪ ۾ جيل آيا ، جن مان گر بخش جيل ۾ ئي گذاري ويو ۽ محمد اسلم جيل کان نڪرڻ کانپوءِ سُتت وفات ڪري ويو ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪردارن سان ملڻ ٿئي ٿو.
ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ڪردارن وانگر، جديد سنڌي شاعريءَ ۾ پڻ نوان سورهيه ڪردار تخليق ڪيا ويا. جديد سنڌي شاعريءَ کي نوان ڪردار ڏيڻ واري روايت پڻ دکايل جي شاعريءَ مان ملي ٿي. هن جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪيون. جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۽ ادبي پسمنظر کي سمجهڻ لاءِ دکايل به هڪ ذريعو آهي.جنھن پنھنجي شاعريءَ ذريعي ’قوميت ۽ وطنيت‘ جي جذبي کي ڀرپور نموني اُڀاريو.دکايل جي شاعري، ان دور جي ڪلچر، سماجي حالتن ۽ تمدني مزاج کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
سنڌ جي ماحول جي عڪاسي، بھار جي موسم، سنڌ جي گلن ٻُوٽن جو ذڪر ۽ سنڌ ۽ ان جي ڳوٺن سان محبت ۽ انهن ڳوٺن کي مذهبي رواداريءَ ذريعي نئين فڪر سان نئين سر اڏڻ جھڙن احساسن سان ڀريل آهي.
”اچو ته ڳوٺ اڏيون سنڌ جا،
هند جا ڳوٺ اڏيون،
اچو ته ڳوٺ اڏيون.

جيڏيون سرتي ٿئي شل سنڌڙي،
خوشبوُ جڳ کي ڏئي شل سنڌڙي،
پرهه ڦُٽيءَ جون باکون نڪرن،
سھڻيءَ سنڌ جون ساکون نڪرن،
نئين چمن ۾ اچي بھار،
رهي گلن ۾ نه ڪو به خار،
قدرت رنگ رچي،
خاص موج مچي!
کِلي کِلي هڪٻئي کي شال سڏيون!“ (10)
’ڳوٺ اڏڻ‘ جو تصور، مذهبي رواداريءَ جي بنياد تي ٻَڌل آهي. ان دور ۾ ٿيل مسجد منزل گاهه وارن فسادن سبب سنڌي قوم کي مذهبي بنيادن تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جون ڪوششون ڪيون پئي ويون. دکايل اهڙن سازشن کي سمجهي، فنڪاري ۽ ڪاريگريءَ سان پنھنجي شاعريءَ ذريعي مذهبي نفرتن کي ننديو ۽ مذهبي رواداري، پيار امن ۽ انساني ڀائپيءَ جا گيت لکيا.ان حوالي سان دکايل جو گيت ’ٻيڙي ڪاهي آءُ پاتڻي!‘جو ته ڪو مثال ئي ناهي. جنھن ۾ دکايل، پاتڻيءَ هٿان ٻيڙي پار اڪارڻ چاهي ٿو. ان گيت ۾ ’پاتڻي‘ جديد دور جي انقلابڻ جي علامت بڻجي اُڀري ٿي:
”ٻيڙي ڪاهي آءُ پاتڻي!
ٻيڙي ڪاهي آءُ،
آهه سڻائو واءُ!

ڪلفت جو طوفان ٽريو،
اُلفت جو سورج اڀريو،
ويو وچئُون ڊپ ڊاءُ،
پاتڻي! ٻيڙي ڪاهي آءُ!

پرتئُون پتڻ وارا گڏ ٿين ٿا هندو مسلمان،
سڪ سان هڪ ٻئي کي سڏ ڏين ٿا، ويو ڪُل غير گمان،
ڀاءُ سڃاتو ڀاءُ.
پاتڻي! ٻيڙي ڪاهي آءُ!

پڳھه کڻي هاڪار پاتڻي!
پھچائي اچ پار پاتڻي!
هن ٻيڙيءَ جو پُور،
هل الفت آباد وٺي هل،
ناهه دکايل! ڪو جت ڇل ول،
وير وروڌ کان دُور،
ويجهو جت نه وڻاءُ.
پاتڻي! ٻيڙي ڪاهي آءُ!“ (11)
ان گيت جي هيئت منفرد ۽ نرالي آهي. گيت جي پھرئين بند ۾ چار مصرعون آهن. پھرئين ۽ ٻي مصرع پاڻ ۾ هم قافيه آهن ۽ ٽين مصرع جو قافيو،گيت جي ٿلهه جي مصرعن سان هم قافيه آهي. گيت جي ٻئي بند ۾ مصرعون ساڳيءَ طرح پاڻ ۾ هم قافيه آهن، پر وزن وڌائي ڇڏڻ سبب اهي ٻئي مصرعون، دوهي وانگر لڳن ٿيون. آخري بند ۾ هڪ ته مصرعن جو تعداد وڌايو ويو آهي، ۽ ٻيو ته ان جي قافين جي ترتيب به بدلائي وئي آهي. آخري بند ستن (7) مصرعن تي مشتمل آهي. ان جي پھرئين ۽ ٻي مصرع پاڻ ۾ هم قافيه آهن، ٽين ۽ ڇھين مصرع پاڻ ۾ هم قافيه ۽ چوٿين ۽ پنجين مصرع پاڻ ۾ هم قافيه آهن. قافين جي ان ترتيب، گيت جي هيئت کي انوکائپ بخشي آهي، ۽ ان تجربي سان گيت جي ترنم ۽ نغمگيءَ ۾ پڻ بي پناهه اضافو ٿيو آهي.ان گيت ۾ ’الفت آباد‘ جو تصور،گهڻ معنائين آهي،پر پس منظر ۾ مذهبي رواداريءَ جو احساس موجود آهي.
ورهاڱي کان اڳ جديد سنڌي شاعريءَ ، اوسر جي پھرئين دور ۾ رومانويت، جماليات،ترقي پسند فڪر ۽ قوميت جڙي سياسي نظريي جي اثر هيٺ تخليق ٿيندي رهي. ان وقت لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور جديد سنڌي شاعريءَ جا مرڪز هئا، ۽ جديد سنڌي نثر جو مرڪز حيدرآباد هو.شاعريءَ جو زوردار آواز انهن ٻنهي شھرن مان گونجي ، سڄي سنڌ ۾ ڦھلجي ويا. آزاديءَ جي گونج، سياسي ۽ تاريخي واقعن باوجود ان دور جي سنڌي شاعريءَ ۾ فني ۽ فڪري خوبيون آهن. اها هر دور ۾ زندهه رهڻ جي سگهه رکي ٿي ۽ ان جي سياسي ۽ تاريخي حيثيت الڳ آهي.ان دور جي سنڌي شاعريءَ جي اڀياس ڪرڻ سان اها خبر پوي ٿي ته دکايل جي شاعري، سياسي واقعن ۽ حالتن جي ترجماني، آزاديءَ جي احساسن ۽ جذبن، انقلابي ۽ باغياڻه فڪر سبب، آزاديءَ جي نقيب بڻجي وئي هئي.
روس جي انقلاب سبب پورهيت طبقو سنڌي شاعريءَ جو موضوع بڻيو. ان جا ابتدائي نمونا مرزا قليچ بيگ جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا.جيتوڻيڪ مرزا قليچ جي شاعريءَ ۾ بغاوت جي باهه ناهي، پر تنھن هوندي به ان موضوع تي لکڻ جي ابتدا هن ڪئي هئي. ترقي پسند تحريڪ جي اثر سبب سنڌي شاعريءَ ۾ ترقي پسند فڪر پوري سگهه سان ملي ٿو.ان دور ۾ ’ڪشنچند بيوس‘ ترقي پسند فڪر سان لاڳاپيل شاعرن جو سرواڻ هو. ان دور ۾ دکايل جو نظم ’پورهيت جي پڪار’ ترقي پسند فڪر سان سلهاڙيل هڪ اهم نظم آهي. جنهن ۾ ’ونڊي ورهائي کائڻ‘ يعني برابريءَ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.
”ونڊي ورهائي کائينداسين،
ڪَس نه ڪنھن کي لائينداسين،
پنھنجو حق بچائينداسين،
ڪَس نه ڪنھن کي لائينداسين.“ (12)
ورهاڱي کان اڳ دکايل، بيوس سان گڏ سنڌي شاعريءَ جو ناتو عوام سان ڳنڍيو ۽ ان کي عوامي مقبوليت بخشي. هن جي لکيل ۽ ڳايل نظم ’وڻ ۽ ڪھاڙو ‘ اُن دور ۾ وڏي مقبوليت ماڻي.
’دکايل‘ جو شمار بيوس،دلگير ۽ فانيءَ جي سٿ ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌي شاعريءَ ۾ گيت لکڻ جي ابتدا ڪئي. هن گيت کي سلاست، عوامي رنگ بخشي، ان ۾ سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي زندگيءَ ۽ پورهئي جا عڪس سمايا. هن گيت ۾ نسواني لھجو آندو، تنھنڪري هن جا گيت، عورت جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني پڻ ڪن ٿا. هن جي گيت ’پٻن کڙي‘ ۾ سنڌي ثقافت ۽ پورهئي جا منظر پيش ڪيا ويا آهن ۽ هڪ انتظار ڪندڙ ناريءَ جي احساسن جي عڪاسي ڪئي وئي آهي.
”پٻن کڙي پيھي تي ڍوليا! پل پل ڪريان پڪار،
ڪانوَ تڙي تو طرف مُنجان ٿي مَنَ ڪو پھچي پار.

رونبا نڪتا، اوٻر نڪتا، نڪتو پئي ڄڻ ساهه،
ساوَن مان، پيلا ٿيا تيلا، لاب پيا، ٿيو ڳاهه،
تڏهن به تون موٽئين نه مسافر! ڪھڙي ڏيانءِ ميار.
پٻن کڙي پيھي تي ڍوليا!....
وائر ۾ ڇڄ ويھه ويھه ڀيرا ڄڻ ٿي هٿ مان ٿڙڪيو،
پورهيو پيارو بار لڳو پئي،توريءَ هڏ هڏ ٽڙڪيو،
تَنُ ميرو ٿيو ڌوڙ وسائي چِيڙهه وڃايم وار.
پٻن کڙي پيھي تي ڍوليا!....

مُنھن اُکريءَ ۾ پائي،ويٺي مُھري ٿي کڙڪايان،
آهٽ پائي،ڇرڪ ڀري اک ور ور در ۾ پايان،
مايوسيءَ کان اَن ڪڻن کي ڏيان ٿي ڪيڏي مار.
پٻن کڙي پيھي تي ڍوليا!...“ (13)
دکايل ۽ دلگير ابتدا ۾ ئي سنڌي گيت کي نسواني لھجو ۽ عورت جي زبان عطا ڪئي. مٿيون گيت ان جو هڪ حسين نمونو آهي. اهو گيت سنڌ جي ختم ٿيل زرعي ڪلچر جو عڪس آهي ۽ زرعي ڪلچر جي به اُن دور جو عڪس آهي، جنھن دور ۾ پيھي تي چڙهي کانڀاڻيءَ سان جهار هڪلبي هئي. هاڻي پيھي، کانڀاڻي ۽ جهار هڪلڻ جو ڪلچر ختم ٿي چڪو آهي، پر دکايل جي گيت جي خوبصورتي ختم ٿيڻي ناهي ۽ ان گيت زرعي سنڌ جي زرعي ڪلچر جي هڪ اهم روايت ۽ ان جا قدر هميشه زندهه رهندا.
ان گيت ۾ ’پٻن کڙي‘ ذريعي انتظار جي شدت جو نقشو چِٽيو ويو آهي. ’پل پل پڪار ڪرڻ‘ مان مُراد صرف جهار هڪلڻ ناهي، پر ان مان مراد محبوب کي سڏڻ ۽ ان تائين پنھنجو آواز پھچائڻ به آهي. گيت ۾ عورت جي تڙپ ڀريل احساسن کي زرعي ماحول، موسم ۽ پوک جي نسبت سان نھايت ئي باريڪ بينيءَ سان پيش ڪيو ويو آهي.هن جا ڪيترائي گيت زرعي ڪلچر، عوامي رنگ، انتظار جي ڪيفيتن ۽ وڇوڙي جي احساسن مان ڦُٽي نڪتا آهن.
”تيلن جهليا اَن، او يار!
تيلن جهليا اَن،
موٽئين نه اڃا من!
او يار! تيلن جهليا اَن.

لابن سندي ويل، پرين!
جاڳي جڳ سويل.
ماٽيا منھَه ماٽ، پرين!
ويٺيس جهليون واٽ.
موٽئين نه اڃا من! تيلن...“ (14)
ان گيت ۾ به پوک پچڻ ۽ لاب پوڻ جي نسبت سان هڪ انتظار ڪندڙ وڇوڙي جي ماري ناريءَ جي احساسن کي پينٽ ڪيو ويو آهي.
هن جي صرف انهيءَ گيت جي هيئت منفرد ۽ نرالي ناهي،پر هن جا قومي،انقلابي ۽ رومانوي رنگ جا گيت منفرد ۽ نرالي هيئت رکن ٿا.هن جي رومانوي رنگ جي گيتن ۾ انتظار ۽ وڇوڙي جي احساسن ۽ ڪيفيتن جا ڪيترائي نوان رنگ آهن. انهن رنگن ذريعي گيتن ۾ موجود ماحول ۽ منظر پڻ حسين لڳن ٿا.هن جي گيتن ۾ سنڌ جي ٻھراڙيءَ جا منظر ساهه کڻندي ڏسي سگهجن ٿا.
”انبن جهليا ٻُور،
ڦُٽا گُل انگُور،
يار! انبن جهليا ٻور.

ڀريو وهي واهه، وهي ڀريو ڀريو واهه،
سڄڻ! سِڪي ساهه،وهي ڀريو ڀريو واهه،
پون سوين پُور،
ڙي يار! انبن جهليا ٻُور.

مٺي مٺي هير،گُهلي مڍي مٺي هير،
سڄڻ! دل سڌير،گُهلي مٺي مٺي هير،
اُٿيا سُتل سُور.
ڙي يار! انبن جهليا ٻُور.“ (15)
دکايل جي گيتن ۾ انتظار، وڇوڙو ۽ عورت جي مختلف جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي جيڪا رنگيني ملي ٿي، اُها پڙهندڙ کي هڪ نئين جھان ۾ پھچايو ڇڏي ٿي. نسواني لھجي ۽ عورت جي احساسن جي ترجماني، دکايل جي گيت کي ميٺاج. سادگي ۽ نفاست بخشي آهي. ٻوليءَ جي خوبصورتي، هن جي گيت جي اضافي خُوبي آهي. هن موضوعن، پيشڪش ۽ ٻوليءَ جي ذريعي گيت ۾ لوڪ رنگ وارو اصلوڪو رچاءُ پيدا ڪيو آهي.
”هن جي گيتن ۾ لوڪ رس ۽ عوامي رنگ وڌيڪ آهي. هن جي گيتن ۾ نه فارسيت آهي ۽ نه عروضيت،پر سندس گيتن جي هر بند مان سنڌيت،هندي بحرن جي جوڙجڪ ۽ موسيقيت بکي رهي آهي.“ (16)
دکايل جا ڪيترائي گيت عروض تي لکيل آهن. هن جي گيتن ۾ عروضيت آهي، تنھن ڪري ايئن نٿو چئي سگهجي ته هن جي گيتن ۾ عروضيت ناهي.اها ٻي ڳالهه آهي ته هن گيتن ۾ عروِ ض جو استعمال تمام گهٽ ڪيو آهي.هيٺ عروض تي لکيل سندس ٻن گيتن جا مثال پيش ڪجن ٿا:
”لٿو سج، سنجها ٿي،مٿان رات آئي،
وٺي ور سُتي سڀڪا اوڍي رضائي،
روئي رات پر مان ڪٽيندي رهان ٿي!
رکي ڳل تريءَ تي....“ (17)

چڙهي دم اچي ٿو ته اُڀري ٿي ڇاتي،
نظر ڪا کڄي ٿي ته ماري لڄا ٿي،
وکُون ترت تڪڙيون ڀريندي ڀڄان ٿي.“ (18)
مٿيان ٻيئي مثال عروض تي لکيل گيتن جي شعرن جا آهن. ٻئي گيت بحرتقارب ۽ وزن فعولن چار ڀيرا تي رچيل آهن. دکايل جي رومانوي رنگ جا گيت عورتاڻي جذبن، ڪيفيتن ۽ احساسن جي انڊلٺ وانگر آهن. جن کي پڙهندي نه صرف اسان جون اکيون، پر اسان جون دليون به انهن ڪيفيتن ۾ رنگجي وڃن ٿيون.ٻي ڳالهه ته هُو پاڻ گيتڪار هجڻ سان گڏ سنگيتڪار پڻ هو، تنھنڪري هن جي گيتن ۾ سنڌوءَ جي لھرن جھڙي رواني آهي.
دکايل جا ڪيترائي گيت سنڌي شاعريءَ ۾ شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا، انهن گيتن مان هيٺين گيت جو ته ڪو مَٽ ئي ناهي:
”پھتم نياپا ڍير!
آءٌ اچان ڪيئن؟ ٿيون بند راهون،
ٻيا سوڙها گهٽ گهير! پھتم نياپا ڍير.
هوليءَ اڌ گوليءَ جون راتيون تڙپائن ٿيون جيءُ،
هڪ ڏڪڻيءَ جو ملڻ مسافر! ٻيو ڏاٽن جو سيءُ،
ماٽيل چارن جي چِڪَ ۾ ٿي،
پوندم پڌرا پير! پھتم نياپا ڍير.

هڪ گهر جي لوڙهي جو گهيرو، هيانءَ ۾ پيو ٻيو گهيرو!
ماندو من ٿيو مُئيءَ جو ڏاڍو، ڏنگڻ آيم ڏير،
لُونءَ لُونءَ چغلي مارڻ ويٺي،
اکڙين پاڙيم وير. پھتم نياپا ڍير.“ (19)
ڪشنچند ”بيوس“ جي دور جي سنڌي شاعريءَ ۾ حقيقت نگاري ۽ ترقي پسند فڪر، غير طبقاتي نظام، انساني برابري ۽ طبقاتي نظام کان آزاديءَ جو مضبوط فڪر سمايل آهي. ان دور ۾ حيدر بخش جتوئي ۽ هوندراج دکايل سياسي واقعن ۽ حالتن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو، ۽ نه صرف آزاديءَ جي تحريڪ کان متاثر ٿيا، پر ان ۾ ڀرپور حصو پڻ ورتائون. هنن رومانويت کان وڌيڪ آزاديءَ جي حمايت ۾ ۽ سماجي اڻ برابريءَ خلاف سگهارو آواز بلند ڪيو.
هوندراج دکايل هڪ پاسي آزاديءَ جا ۽ انقلاب جا گيت ڳاتا. انساني وحدت جو سبق ڏنو ۽ عوام جي اهنجن ۽ تڪليفن کي پنھنجو دک درد سمجهي،انهن لاءِ همدرديءَ ۽ محبت جو اظھار ڪيو. ٻئي پاسي دکايل، عورت جي فطري جذبن جا عڪس پنھنجي گيتن ۾ پيش ڪيا. هن جي گيتن جا ڪردار، انتظار ۾ راهه تڪيندڙ ناريون ۽ وڇوڙي جون ماريل اُهي عورتون آهن،جن جي اندر جي درد کي هن پنھنجي گيتن جو آواز ڏنو. هن جا گيت، اُنهن عورتن جي گُهٽيل سڏڪن وانگر آهن، جيڪي دکايل جي گيتن ۾ ٻُڌي سگهجن ٿا. هُن جا گيت، موضوع، ترنم ۽ نغمگي، ٻولي ۽ هيئت جي لحاظ کان سنڌي شاعريءَ جو اهم حوالو آهن. جن ۾ عورتن جي معصوميت، اُنهن جي سادگي ۽ سچائي، انهن جي اندر جي بي پناهه پيڙا سمايل آهي. هوندراج دکايل جا گيت، ڄڻ انتظار ڪندڙ ناري ۽ وڇوڙي جي ماريل ناريءَ جون اُهي آسوند اکيون آهن، جيڪي راهن ۾ رکيل آهن.


حوالا
1. سحر، امداد حسيني، ’شعور شاعر شاعري‘، سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو،353:2008
2. جويو، تاج، ’سنڌي گيت‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،ڄامشورو،96:1980
3. آشا،ديال، ’سنڌي شعر جي تواريخ‘، انجلي پرڪاشن، الھاس نگر،1984: 487 ۽ 488
4. دکايل، هوندراج، ’قومي للڪار‘، ڪرشنا ڀمڀاڻي لوڪ ساهتيه،آديپور،1963: 223، 224 ۽ 225
5. دکايل، هوندراج، ’جهونگار‘، ڪرشنا ڀمڀاڻي لوڪ ساهتيه،آديپور،1963: 66 ۽ 70
6. آشا، ديال، ’سنڌي شعر جي تواريخ‘، انجلي پرڪاشن، الھاس نگر،1984: 490
7. دکايل، هوندراج، ’قومي للڪار‘، ڪرشنا ڀمڀاڻي لوڪ ساهتيه،آديپور، 1963: 261
8. ساڳيو،ص: 262
9. ساڳيو،ص:262
10. ساڳيو،ص؛ 200
11. ساڳيو،ص: 175
12. دکايل، هوندراج، لاهوتي لھر، ڪرشنا لوڪ ساهتيه، اديپور، 1963: 146،
13. دکايل، هوندراج، ’سنگيت ورکا‘، ڪرشنا ڀمڀاڻي لوڪ ساهتيه پرڪاشن آديپور.1963: 9 ۽ 10
14. ساڳيو،ص:19
15. ساڳيو،ص:21 ۽ 22
16. جويو،تاج، ’سنڌي گيت‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،ڄامشورو،97:1980
17. دکايل،هوندراج، سنگيت ورکا، ڪرشنا ڀمڀاڻي لوڪ ساهتيه آديپور،41:1963
18. ساڳيو،ص:52
19. ساڳيو،ص:41
406 ڀيرا پڙهيو ويو